اسلام آباد-28 آگسٽ(اي پي پي) مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي و??ير عبدالعليم خان چيو آهي، ته ڪراچي کان سکر ۽ سيالڪوٽ، کاريان کان اسلام آباد جا موٽرويز اولين ترجيح آهن. نيشنل ??اءِ و?? اٿارٽي جي نون شاهراهن تان وڌ کان وڌ ناڻو گڏ ٿيڻ گهرجي. نيشنل ??اءِ و?? اٿارٽي کي مستقبل ۾ مالي لحاظ کان مستحڪم ۽ خودمختيار هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي و??ير نيشنل ??اءِ و?? اٿارٽي پاران بريفنگ دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي و??ير کي نيشنل ??اءِ و?? اٿارٽي پاران بريفنگ ڏني و??ي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي و??ير عبدالعليم خان چيو ته ڪراچي کان سکر ۽ سيالڪوٽ،کاريان کان اسلام آباد جا موٽر ويز اولين ترجيح آهن. انهن ٻنهي ۽ سمورن نون موٽر ويز کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن لائينن ۾ تعمير ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته 6 لائينن کي ٻه طرفا موٽر ويز کان گهٽ ڪا به نئين موٽر وي تعمير نه ٿيندي.هن چيو ته نيشنل ??اءِ و?? اٿارٽي کي نين شاهران تان وڌ کان وڌ ناڻو گڏ ڪرڻ گهرجي. وفاقي و??ير هدايتون جاري ڪندي چيو ته موٽر ويز تي ايڪسل لوڊ جي پابندي سختي سان يقيني بڻايو وڃي، ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته نيشنل ??اءِ و?? اٿارٽي مان ڪرپٽ ۽ ن?? اهل عملي کي فارغ ڪيو ويندو، عملي جي ڪارڪردگي کي وڌايو ويندو. هن چيو ته جتي ناڻي و??ولي ۾ مسئلا ٿيندا اتي ٽول ڪليڪشن خانگي شعبي حوالي ڪئي ويندي. هڪ سال ۾ نيشنل ??اءِ و?? اٿارٽي پنهنجي ناڻي و??ولي جو نئون هدف طئي ڪري، صرف حڪومت ۽ ٻين ادارن مان وڏا فنڊ وٺڻ ۽ انهن کي خرچ ڪرڻ ڪا ڪمال جي ڳالهه نه آهي، ان موقعي تي نيشنل ??اءِ و?? اٿارٽي جي چيئرمين ٻڌايو ته اين ايڇ اي جي 57 سيڪڙو شاهراهن تان رڳو 13 سيڪڙو ٽول ٽيڪس ملي ٿو. بريفنگ دوران وفاقي و??ير کي ٻڌايو ويو ته نيشنل ??اءِ و?? اٿارٽي کي مستقبل ۾ مالي لحاظ کان مستحڪم ۽ خودمختيار ٿيڻ گهرجي، آمد رفت جا ذريعا بهتر بڻائڻ اولين ترجيح آهي، موجوده گهرجن موجب بزنس ماڊل هجڻ گهرجي.وفاقي و??ير هدايت ڪندي چيو ته اين ايڇ اي ۾ نئين سوچ آڻڻي پوندي، ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪن ۽ پئسو ڪمائين.