اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ حڪومت ميمبر شهادت اعواڻ ۽ مخالف ڌر ميمبر سيف الله ابڙو وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو، ٻنهي سينيٽرن ??ڪٻئي کي ڀاڪر پاتو. گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس شروع ٿيڻ کانپوءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران ٻنهي ميمبرن ۾ ٿيل سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ ايوان ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي، جنهن سبب ايوان ??ي ڪارروائي ۾ 15 منٽن جو وقفو ڪي?? ويو هو. وقفي کانپوءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته وقفي دوران ??ينيٽ چيئرمين سان ??ڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جي ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ان معاملي کي خوش اسلوبي سان ??ل ڪرڻ تي اتفاق ڪي?? ويو ۽ سينيٽ چيئرمين ان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪي?? آهي. هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ٻئي سينيٽرز هڪٻئي کي ڀاڪر پائين ته جيئن ايوان ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال ختم ٿئي جنهن کانپوءِ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز ٻنهي ميمبرن کي ڀاڪر پارايو. ان موقعي تي ٻين سينيٽرن ??ڻ ايوان ۾ خوشگوار ماحول تي خوشي جو اظهار ڪي??. سينيٽ چيئرمين چيو ته اها ئي روايت آهي ته اسان هڪٻئي سان ڀائيچاري سان ??هون ۽ ان کان ??ڳ انهي ميمبرن ??اران هڪٻئي جي باري ۾ جيڪي رمارڪس ڏنا ويا هئا انهن کي ڪارروائي مان ??ذف ڪي?? وڃي. ان کان ??ڳ سينيٽر مسرور خان ۽ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻنهي ميمبرن ??چ ۾ ٿيل ڇڪتاڻ وارو معاملو اٿاريو ۽ معاملي کي سٺي طريقي سان ??ل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي پر اها ڪميٽي غير جانبدار هجي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪنهن به معزز ميمبر کي اهو حق حاصل ناهي ته هو ڪنهن ٻئي جي باري ۾ فتوا جاري ڪري، قائدا ۽ قانون ان لاءِ ٺاهيا ويندا آهن ته انهن تي عمل ڪي?? وڃي، اهو معاملو سينيٽ چيئرمين کي موڪلڻ گهرجي جيڪو هن ايوان ??و ڪسٽيوڊين آهي. هو معاملي جي جاچ ڪري، مناسب حڪم جاري ڪري سگهي ٿو.