راولپنڊي – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير سان س??ود?? عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح وفد سان گڏ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ ڀائراڻي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سربراهه س??ود?? بادشاهه شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان لاءِ غير متزلزل حمايت تي سندس ٿورو مڃيو. آرمي چيف وفد کي پاڪستان ج?? مڪمل حمايت ۽ عزم جي وڌيڪ خاطري ڪرائي ۽ ٻنهي مل??ن کي حاصل ٿيل اميد ڏياريندڙ نتيجن بابت اميد ظاهر ڪئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته وڏي واپاري وفد جو دورو پاڪ-س??ود?? جٽادار ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي تصديق ڪري ٿو، پاڪستاني عوام س??ود?? عرب لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ محبت رکي ٿو.