نيويارڪ – 27 ??? س??پٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ اتي رهندڙ فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي اسرائيل جي احتساب جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عراقي وزيراعظم محمد شياع السوداني سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنه?? اڳواڻن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي پليٽ فارم تي غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ فلسطيني ڀائرن جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ٻنه?? اڳواڻن جي ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته انهن لاڳاپن جو بنياد تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل آهي. وزيراعظم پاڪستاني زائرين جي لاءِ هر سال ڪندڙ انتظامن تي عراقي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات دوران ٻنه?? اڳواڻن پاڪستان – عراق ٻطرفن لاڳاپن جي دائري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي به ا??فاق ڪيو. گڏيل طور تي تعاون جي فروغ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود صلاحيت مان فائدو کڻڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ٻنه?? اڳواڻن گڏيل دل??سپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غزه ۾ جاري اسرائيلي قتل عام، ظلم ۽ ڏاڍ ۽ لکين انساني زندگين جي تباهي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پاران غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ غزه جي نسل ڪشيءَ تي اسرائيل کي ذميوار قرار ڏيڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. عالمي مسئلن تي اتفاق ڪندي ٻنه?? اڳواڻن غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن کي انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي پليٽ فارمز تي عالمي ڪوششن کي وڌيڪ موثر ۽ تيز ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو.