اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف س??ن سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ۽ متحده قومي مو??مينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ايم ڪيو ايم وفد ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار ?? سيد امين الحق شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ ، وزيراعظم جا صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ خواجه سعد رفيق به شريڪ هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.