استنبول-24 آڪٽوبر (اي پي پي) گهر?? معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير مح??ن نقوي سان آذ??بائيجان جي گهر?? معاملن واري مملڪتي وزير عليوف عصمت راشد ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وزيرن وچ ۾ گهڻ رخي ڀائراڻن لا??اپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفن معاملن کي هٿي ڏيڻ بابت ڳالهيون ٿيون. آذ??بائيجان جي مملڪتي وزير ڪجهه ڏينهن اڳ اتر عربي سمنڊ ۾ 145 ملين ڊالرن جي ماليت جي 2400 ڪلوگرام کان وڌ??ڪ منشيات ضبط ڪرڻ جي پاڪ بحريه جي ڪامياب آپريشن کي ساراهيو. مملڪتي وزير، مح??ن نقوي جي قيادت ۾ پاڪستاني عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن استنبول انٽرنيشنل ايڪسپو ۾ پاڪستاني پويلين جو دورو به ڪيو، هن پاڪستاني پويلين ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز جا جديد اوزار ۽ مشينري ڏٺي ۽ انهن جي واکاڻ ڪئي. ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. وزيرن گڏيل ڀائراڻن لا??اپن کي وڌ??ڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام، بارڊر مينيجمينٽ ۽ منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيرن گڏيل سهڪار کي پائيدار بنيادن تي هٿي ڏيڻ لاءِ مستقبل ۾ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي گهرو وزير مح??ن نقوي آذ??بائيجان جي مملڪتي وزير کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، جڏهن ته آذ??بائيجان جي مملڪتي وزير، وفاقي وزير مح??ن نقوي کي باڪو جي دوري جي دعوت ڏني. گهرو وزير مح??ن نقوي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آذ??بائيجان وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لا??اپا آهن، ٻطرفن لا??اپن ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.