اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) خي??رپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ صوبائي حڪومت جي ڌيان نه ڏيڻ، معاشي ترقي جي ??اء?? وفاقي حڪومت جي قدمن، نوجوانن جي مثبت سرگرمين ۾ مشغوليت، صوبي ۾ دانش اسڪول جي قيام تي تفصيلي خي??لن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ خي??رپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان موجوده صورتحال، ان ۾ بهتري جي ??اء?? قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن خي??رپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. خي??رپختونخواهه جي گورنر ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير صوبي ۾ امن امان جي بحالي جي ??اء?? گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. خي??رپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ان موقعي تي چيو ته خي??رپختونخواهه ۾ نوجوانن کي انتشاري سياست کان پري رکڻ ۽ مثبت سرگرمين طرف راغب ڪرڻ جي ??اء?? قدم کنيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وفاقي حڪومت خي??رپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي ??اء?? تيار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ دانش اسڪول جي قيام ۽ معياري تعليم جي فروغ جي حوالي سان قدم کڻي رهي آهي، خي??رپختونخواهه ۾ امن امان جي بحالي وفاق جي ترجيحن ۾ شامل آهي، خي??رپختونخواهه جي عوام اسان جا ڀائر آهن، انهن جي ڀلائي وفاق جي اولين ترجيح آهي، خي??رپختونخواهه جي عوام کي انهن جي حق کان محروم نه ڪيو ويندو، صوبي ۾ ثقافتي سرگرمين کي فروغ ڏنو ويندو. ملاقات ۾ ڊيره اسماعيل خان ۾ ميڊيا حب بڻائڻ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ٿي. خي??رپختونخواهه جي گورنر اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ ٿيندڙ جدت ۽ مثبت تبديلين کي خوش آئنده قرار ڏنو. ملاقات ۾ خي??رپختونخواهه ۾ تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين جي فروغ بابت مختلف تجويزون پڻ بحث هيٺ آيون.