راولپنڊي-20 نومبر (اي پي پي) بنون ۾ دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿيل سيڪيورٽي فورسز جي 12 جوانن جي جنازي نماز بنون گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي. شهيدن جي جنازي نماز ۾ ڪمانڊر پشاور ڪور سميت اعليٰ عسڪري عملدارن، سول انتظاميه ۽ فوجي جوانن شرڪت ڪئي. آ??ِ ايس پي آر موجب 19 نومبر تي بنون ۾ فتنه الخوارج جي حملي ۾ بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ گجرانوالا جي 44 سالن شهيد صوبيدار عمران احمد فاروقي، 29 سالن جي سرگوڌا سان تعلق رکندڙ ??هيد حوالدار محمد جاويد اقبال، 34 سالن جي ايبٽ آباد سان تعلق رکندڙ ??هيد نائيڪ طهماس احمد، 39 سالن جي هريپور سان تعلق رکندڙ ??هيد نائيڪ باسط فريد، 33 سالن جي بارکان سان تعلق رکندڙ ??هيد سپاهي صفدر علي، 32 سالن جي ڪوهلو سان تعلق رکندڙ ??هيد سپاهي اسد بشير، 38 سالن جي ڊيرا غازي خان سان تعلق رکندڙ ??هيد سپاهي اعجاز حسين، 23 سالن جي ميانوالي سان تعلق رکندڙ ??هيد سپاهي عاطف خان، 30 سالن جي ڪرڪ سان تعلق رکندڙ ??هيد سپاهي امان الله، 22 سالن جي لوئر دير سان تعلق رکندڙ ??هيد سپاهي شاهه زمان، 22 سالن جي ڪرڪ سان تعلق رکندڙ ??هيد سپاهي حسيب الله ۽ 33 سالن جي ڪرڪ سان تعلق رکندڙ ??هيد عثمان الله جي جنازي نماز بنون گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي.