ڪراچي – 21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ ترڪيءَ جي سفير ڊاڪٽر عرفان نذير اوگلو ڪراچيءَ ۾ ترڪي جي قونصل جنرل جمال سانگو سان گڏ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو دورو ڪيو ۽ وائس چانسلر ??اڪٽر مجيب صحرائي سان ملاقات ڪ??ي. ??لاقات ۾ تحقيق، اعليٰ تعليم، تصوف ۽ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۽ ترڪي جي يونيورسٽين وچ ۾ تعاون جي ممڪن طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ترڪ سفير سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي تعليمي شعبن خاص ڪري بزنس ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ، آرٽيفيشل انٽيليجنس ڊپارٽمينٽ، ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ ۽ سوشل اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ سان تعاون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
ڊاڪٽر عرفان نذير اوگلو چيو ته هو سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پاران ان جي سٽي ڪيمپس ۾ قائم ٿيندڙ جلال الدين رو??ي چيئر جي مدد ڪندو ۽ ان جو قونيه جي سيلڪوڪ يونيورسٽي ۽ ٻين يونيورسٽين سان الحاق ڪرائيندو. ملاقات ۾ ڊاڪٽر عرفان نذير اوگلو سنڌ مدرسته الاسلام جي باني خان بهادر حسن علي آفندي جي جديد تعليم جي فروغ ل??ءِ ڪيل خدمتن ۽ سلطنت عثمانيه جي دور ۾ ترڪي سان دوستاڻن لاڳاپن کي پڻ ساراهيو. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ڊاڪٽر عرفان نذير اوگلو ۽ جمال سانگو کي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مادرعلمي- سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ اچڻ ۽ تحقيق ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ سهڪار ڪرڻ واري آڇ تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته اسان ل??ءِ فخر جي ڳالهه آهي ته سنڌ مدرسته الاسلام جي باني خان بهادر حسن علي آفندي جا سلطنت عثمانيه جي دور ۾ ترڪي سان ويجها لاڳاپا هئا ۽ کيس 19هين صدي جي آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ ترڪيءَ جو قونصل جنرل مقرر ڪيو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته، حسن علي آفندي روس ۽ ترڪيءَ جي جنگ دورا?? سلطنت عثمانيه کي ضروري سامان فراهم ڪري انهن جي مدد پڻ ڪئي ه??ي. ??ائس چانسلر وڌيڪ چيو ته ويجهي مستقبل ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي نئين ٺهندڙ عمارت ۾ مولانا رو??ي چيئر ۽ حسن علي آفندي ميوزيم قائم ڪرڻ ل??ءِ هڪ فلور مختص ڪيو ويندو. ترڪ سفير چيو ته ترڪ حڪومت ان ذڪر ڪيل منصوبي ۾ پڻ سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ سان تعاون ڪندي، جڏهن ته ترڪ سفير ۽ قونصل جنرل سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سان گڏجي جناح ميوزيم کي گهُمي ڏٺو. جڏهن ته ڊاڪٽر مجيب صحرائي مهمان کي يونيورسٽيءَ جي شيلڊ پيش ڪئي.