اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي)گھرو معاملن واري وفاقي وزير م??سن نق??ي گذريل ڏينھن ڊي چوڪ کان خيبر پلازه تائين دورو ڪيو جتي ھن ڊيوٽي تي موجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نوجوانن سان ملاقات ڪئي ۽ انھن جي جرعتمندي جي تعريف ڪئي. گھرو وزير م??سن نق??ي شرپسندن کان ڪليئر ڪيل علائقن جو جائزو ورتو. ھن سي ڊي اي کي روڊن جي فوري صفائي جو حڪم ڏنو. گھرو وزير م??سن نق??ي شرپسندن جي حملن کان عمارتن ۽ ٻين هنڌن تائين پھچڻ وارن هنڌن جو به جائزو ورتو. گھرو وزير م??سن نق??ي روڊن تان رڪاوٽون ھٽائڻ جي ھدايت ??ني. ھن چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر ڪيون ٿا ته ڏڦيڙ جي سازش ناڪام ٿي. رينجرز جي آفيسرن ۽ جوانن بھادري سان مظاھرين کي پوئتي هٽايو. پاڪ فوج، ايف سي، اسلام آباد، پنجاب ۽ سنڌ پوليس کي جرتمنداڻي ڪردار تي مب??رڪ??ن ڏيان ٿو. ھن چيو ته پرامن پاڪستان ۽ پاڪستانين جي ڪاميابي ٿي آھي.