اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن و??ري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي سڌارن جو تسلسل ج??ري رهندو، اهم معاشي اهڃاڻ هاڪ??ري آهن، خسارن تي ضابطو آندو ويو آهي، حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪ??ري ۾ تيزي آڻڻ ۾ قدم کڻي رهي آهي. گذريل ڏينهن هتي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آ?? پاڪستان جي انتظام هيٺ اي ايس جي سسٽين پاڪستان جي پهرين پائيداريت تي ٻڌل آن لائن پليٽ فارم جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي و??ري وزير سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آ?? پاڪستان جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ ڊيٽا شيئرنگ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ڊجيٽل چئلينجز ۽ موقعا ئي مستقبل جو رستو آهن جيڪي شفافيت ۽ جوابدهي جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. اي ايس جي پليٽ فارم جو مقصد ڪمپنين ۽ ادارن کي پنهنجي ڪاميابي جي ڪهاڻين ۽ بهترين طرز عمل شيئر ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. هي قدم هڪ اهڙو برابر ميدان فراهم ڪندو جتي سمورا ادارا چاهي انهن جو ڳاڻيٽو ڪجهه به هجي، پنهنجي ڪاميابين کي اجاگر ڪري سگهندا ۽ هڪٻئي کان سکي سگهندا. ناڻي و??ري وزير چيو ته حڪومت معاشي ميدان ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، اهم معاشي اهڃاڻ هاڪ??ري آهن، خسارن تي ضابطو آندو ويو آهي، مٽاسٽا و??ري ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان صنعتن کي فائدو پهچي رهيو آهي. هن چيو ته معاشي استحڪام کانپوءِ اوسر جي سفر ۾ تيزي آڻڻ لاءِ جيڪي به ادارا اسان سان سهڪار ڪري رهيا آهن انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ڪاپ -29 جي موقعي تي پاڪستان ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ مالياتي حڪمت عملي جي شروعات ڪئي آهي. ماحوليات، موسمياتي تبديلين جو اهم حصو آهي، جامع اقتصادي شموليت ۽ اوسر ۾ ان جي اهميت مڃيل آهي. هن ملڪ جي ٻن اهم ترين مسئلن جن ۾ آبادي ۾ اضافي ۽ ماحولياتي تبديليون شامل آهن، جي حل جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. ناڻي و??ري وزير چيو ته معاشري جي سمورن طبقن کي اقتصادي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ضروري آهي، پاڪستان جي معيشت ۾ هر هڪ کي پنهنجو هاڪ??ري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. صنفي برابري قومي اقتصادي منظرنامي ۾ اهميت جوڳي آهي. افرادي قوت ?? عورتن جي شموليت ۾ اضافي لاءِ قدم ضروري آهن. حڪومت ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان س??ن گڏوگڏ نجي شعبي کي به پنهنجو هاڪ??ري ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته معاشي ترقي ۽ اوسر ۾ نجي شعبي جو ڪردار اهميت وارو آهي. حڪومت پاليسي فريم ورڪ ۽ پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائيندي، تنهن هوندي به ترقي جي انجڻ جو ڪردار نجي شعبي کي ادا ڪرڻو آهي. حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪ??ري ۾ تيزي آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. پرڏيهي سيڙپڪارن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته معاشي سڌارن جو تسلسل ج??ري رهندو. سرڪ??ري ملڪيتي ادارن جو روزاني جو خسارو 2.2 ارب روپيا آهي، گذريل 10 سالن ۾ ايس او ايز جو خسارو 6 ٽريلين روپيا رهيو آهي. حڪومت نجڪ??ري جي پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي ۽ ان عمل کي شفافيت سان اڳتي وڌايو پيو وڃي.