اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي معا??لن تي اسلام آباد ۾ نتيجاخيز مشاورت ٿي. ان مشاورت جي گڏيل صدارت فرانسيسي پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل قومن جي معا??لن واري ڊائريڪٽر لي فريپر ڊوهيلن ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (گڏيل قومون ۽ او آءِ سي) سفير سيد حيدر شاهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ڌرين ٻطرفي تعاون، ڳالهه ٻولهه ?? عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ۽ فرانس گهڻ رخي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ?? عالمي چئلي??جز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٻئي سان تعميري طور تي رابطي ۾ رهندا.