رياض- 18 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن وا??ي وفاقي وزير محسن نقوي ڪالهه سعودي عرب جي ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جو تفصيلي دورو ڪيو جتي هن مختلف شعبا گهمي ڏٺا ۽ ڪال سينٽر جو به معائنو ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ ۾ جديد ڪال سينٽر قائم ڪرڻ جي عمل جي واکاڻ ڪئي. سعودي ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جي وقتي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل ڊاڪٽر صالح ال مرابا گهرو وزير جي آجيان ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ ۾ ايڊوانسڊ ٽيڪنالاجي جو جائزو ورتو ۽ پاسپورٽ جي جديد نطام جي تعريف ڪئي. ان م??قع?? تي ٿيل ملاقات ۾ پاسپورٽ وصولي کان اها جاري ڪرڻ وا??ي نظام کي آسان بڻائڻ ۽ جعلسازي کي روڪڻ لاءِ اثرائتن قدمن تي ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ اي گيٽس تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان ۾ پاسپورٽ نظام کي وڌيڪ آسان ۽ فول پروف بڻائڻ لاءِ سعودي ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جي معاونت فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته گڏيل سهڪار سان عوام کي آساني ٿيندي ۽ دوکيبازي کان به بچڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته سعودي ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جي ڪال سينٽر جيان پاڪستان ۾ به ڪال سينٽر ٺاهيو ويندو. سعودي عرب جي سهڪار سان پاسپورٽ ۾ جعلسازي ۽ ڪاغذات ۾ تبديلي ڪندڙن کي پاڪستان ۾ ئي پڪڙي سگهبو. وا??ح رهي ته پاسپورٽ ۾ تبديلي ۽ جعلي ڪاغذات تي سعودي عرب ويندڙ 3700 پاڪستانين کي سعودي اختيارين پنهنجن هوائي اڏن تي پڪڙيو هو.
جڏهن ته گهرو معاملن وا??ي وفاقي وزير سعودي عرب جي ڪنگ فهد سيڪيورٽي ڪاليج جو پُڻ دورو ڪيو، هن ڪاليج جي ماسٽر پروگرام ۽ 5 سالن جي اسٽريٽجڪ پلان جي واکاڻ ڪئي. ان م??قع?? تي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل ڊاڪٽر علي ال دائج محسن نقوي جي آجيان ڪئي. ان م??قع?? تي ٿيل ملاقات ۾ ايڪسچينج پروگرام تحت ٻنهي ملڪن جي گريجوئيٽس جي اسٽڊي ٽوئرز ۽ ٽريننگ ڪرائڻ تي پڻ تفصيلي غور ويچار ڪيو. هن کين شاگردن کي اسٽڊي ٽوئر ڪرائڻ لاءِ پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. پاڪستاني شاگردن کي مختصر مدي جا تربيتي ڪورسز ڪنگ فهد سيڪيورٽي ڪاليج ۾ ڪرائڻ جي به تجويز ڏني. محسن نقوي ڪاليج ۾ قائم فرانزڪ سائنس انسٽيٽيوٽ جو به دورو ڪيو جتي کيس ڪاليج جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪنگ فهد سيڪيورٽي ڪاليج ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس، ليڊرشپ مينيجمينٽ ۽ سيڪيورتي ايپليڪيشنز ۾ ماسٽر ڊگري ڪرائي ويندي آهي. ڪنگ فهد سيڪيورٽي ڪاليج عالمي يونيورسٽين کي سيڪيورٽي اسڪالرشپس به ڏيندي آهي. جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چ??ئر??ين محسن نقوي رياض ۾ سعودي عربيه ڪرڪيٽ فيڊريشن جي چ??ئر??ين شهزاده سعود بن مشعل السعود سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سعودي عرب ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ ۽ رانديگرن جي صلاحيتن ۾ واڌ تي ڳالهيون ڪيون. پي سي بي چ??ئر??ين محسن نقوي سعودي عربيه ڪرڪيٽ فيڊريشن جي چ??ئر??ين کي چيمپئينز ٽرافي جون ميچون ڏسڻ لاءِ پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. پي سي بي چ??ئر??ين ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ ۽ اسٽيڊيمز جي تعمير جي حوالي سان هرممڪن سهڪار جي آڇ ڪئي. پي سي بي چ??ئر??ين سعودي عرب جي رانديگرن کي تربيت ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪئي. پي سي بي چ??ئر??ين محسن نقوي چيو ته ڪرڪيٽ جي واڌاري لاءِ رانديگرن جي مٽاسٽا وا??و پروگرام شروع ڪري سگهجي ٿو. سعودي عرب پنهنجن اڀرندڙ رانديگرن کي پاڪستان اماڻي سگهي ٿو ۽ ڪرڪيٽ جي واڌاري ۽ اسٽييمز جي تعمير جي حوالي سان پوري معاونت ڪئي ويندي. سعودي عرب هر پاڪستاني جو ٻيو گهر آهي، سهڪار تي خوشي ٿيندي.سعودي عربيه ڪرڪيٽ فيڊريشن جي چ??ئر??ين شهزاده سعود بن مشعل السعود چيو ته اسان رانديگرن جي ترقي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. سعودي عرب ۾ ڪرڪيٽ جا اٽڪل 18 هزار رانديگر آهن. سعودي عرب ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو چئلينج ڪپ به کٽيو آهي. پاڪستان سان ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ويجهي سهڪار سان ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا.