ڪراچي – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر جي فيس ليس ڪسٽمز اسيسمنٽ ??سٽ?? جو افتتاح ڪيو ۽ ڪسٽمز اسيسمنٽ نظام جو جائزو پڻ ورتو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي موجود آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم جديد نظام جي طريقيڪار ۽ ڪارڪردگي بابت پڇيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان خودڪار نظام ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ هدايتون پڻ ڏنيون. ان موقعي تي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي ڪسٽم?? ڪليئرنس جو هي نئون نظام ڪراچي پورٽ تي قائم ڪيو ويو آهي، نئين نظام سان ڪسٽم?? ڪليئرنس ۾ وقت ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي جڏهن ته ان ۾ شفافيت جي عنصر کي فروغ مليو آهي، ڪسٽم?? ڪليئرنس جو گهٽ ۾ گهٽ وقت 15 کان 20 منٽ ۽ وڌ کان وڌ وقت 19 ڪلاڪن تي اچي چڪو آهي. ڪسٽمز جو فيس ليس اسيسمنٽ ??سٽ?? يعني بنا چهري تشخيصي نظام ايف بي آر جي سڌاراجاتي منصوبي جو اهم جز آهي، ان نظام تحت بندرگاهن تي درآمد ڪندڙن ۽ تشخيص ڪندڙن ۾ سڌوسنئون رابطو ممڪن ٿيندو نه امپورٽرز کي خبر هوندي ته ڪير ان جي سامان جي ڪليئرنگ ڪري رهيو آهي ۽ نه تشخيصي آفيسر کي خبر هوندي ته هو ڪنهن جي سامان جي ڪليئرنگ ڪري رهيو آهي. فيس ليس اسيسمنٽ نظام سان ڪم جي رفتار ۾ پڻ اضافو ٿي چڪو آهي، ان نظام تحت استعمال ٿيندڙ سمورن ڪمپيوٽرز تي ڪنهن به طرح جي سوشل ميڊيا ايپلي ڪيشنز استعمال نه ٿيون ڪري سگهجن، فيس ليس اسيسمنٽ نظام درآمد ڪندڙن جي سامان جي ڪليئرنس ۾ آساني جو سبب بڻجي رهيو آهي، ان نظام جو مقصد وڌيڪ آسان ۽ شفاف طريقي سان سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ان جديد ڊيجيٽل ڪمپيوٽرائيزڊ نظام جي لاءِ ڪسٽمز جي ايماندار آفيسرن جي مقرري ڪئي وئي آهي، ان ??سٽ?? تي ڪم ڪندڙ اسٽاف جي لاءِ کاڌي پيتي، نماز ۽ واش روم جو انتظام انهي جڳهه تي ڪيو ويو آهي جتي اهي ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ان جڳهه تي موبائيل فون جي استعمال تي پابندي آهي، ان نظام تحت ڪسٽم?? ڪليئرنس ۾ گهربل وقت ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي، ڪسٽم?? ڪليئرنس جي نئين نظام تحت شڪايتن ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. نئون نظام ڪسٽم?? ڪليئرنس ۾ ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي.