پشاور – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عم??ان خان سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ جي وڪري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سينيٽ چونڊون شفاف ڪرائڻ تي مخ??لف ڌر جو احتجاج سمجهه کان مٿي آهي، مخ??لف ڌر پراڻو پاڪستان چاهي ٿي، جتي ضمير وڪرو ڪيا وڃن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ سينيٽ چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪ??و. هن چيو ته حڪومت هڪ ٺوس طريقيڪار ج??ڙڻ جي ڪ??شش ڪري رهي آهي ته جيئن ڪو به مستقبل ۾ چونڊن جي نتيجن جي ساک ۽ غيرجانبداري تي آڱر کڻڻ جي جرئت نه ڪري سگهي. هن چيو ته آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف اليڪشن جمهوريت کي وڌڻ ويجهڻ ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ جو اخلاقي بنياد مهيا ڪري ٿي ۽ حڪومت جا چونڊ سڌارا سينيٽ چونڊن سميت چونڊن جي ساک، غيرجانبداري ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته چونڊ سڌارا آڻڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪ??ششن جي حمايت ڪرڻ بد??ان مخ??لف ڌر سينيٽ چونڊن ۾ کليل راءِ شماري جي مخالفت ڪري رڪاوٽون پيدا ڪري رهي آهي، جيڪو چونڊ عمل دو??ان هارس ٽريڊنگ ۽ بدعنواني جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ پي ايم ايل (ن) سميت مخ??لف ڌر جون پارٽيون جن 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن کانپوءِ 10 سالن تائين ملڪ تي حڪمراني ڪئي، سينيٽ چونڊن دو??ان هارس ٽريڊنگ، بدعنواني ۽ وڪري ۽ ووٽ جي خريداري لاءِ چونڊ سڌارن جي لاءِ ڪو طريقيڪار تيار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته مخ??لف ڌر اڃا به چونڊ سڌارن جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي جن جو مقصد سينيٽ چونڊن ۾ بدعنواني، ووٽن جي خريد ۽ وڪري ۽ هارس ٽريڊنگ جي امڪانن کي ختم ڪرڻ آهي جنهن جو ماضي ۾ مشاهدو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت بدعنواني ۽ هارس ٽريڊنگ جي خاتمي لاءِ سينيٽ چونڊن دو??ان مخ??لف ڌر کي اوپن بيلٽنگ جي آڇ ڪئي آهي پر ان اهم قانونسازي جي خلاف مخ??لف ڌر جو ردعمل افسوس جوڳو آهي. هن چيو ته آئون هڪ سوال پڇان ٿو ته پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلي ۾ ڪجهه ميمبرن جي نمائندگي رکندڙ سياسي پارٽي سينيٽ چونڊن ۾ ڪيئن هڪ سيٽ کي محفوظ بڻائيندي، مخ??لف ڌر ماضي مان سبق ناهي سکيو ۽ سينيٽ چونڊن ۾ سياسي وفاداري خريد ڪرڻ جي ڪ??شش ڪندي.