اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي پاڪستان جي ڏورانهن علائقن جي آبادي کي صحت جي ??هو??تن جي فراهمي لاءِ ٽيلي ميڊيسن ڪلينڪس قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيلي ميڊيسن ۽ مص??وع?? ذهانت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ هيلٿ پروفيشنلز جي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت آهي، مص??وع?? ذهانت جي استعمال سان ڊيٽا جي تجزئي ۽ وبائي بيمارين جي اڳڪٿي ڪري سگهبي. هو پاڪستان ۾ ٽيلي هيلٿ خدمتن جي فراهمي بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو نيشنل هيلٿ سروس، ريگ??لي??نز اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت خاص مددگار ڊ??ڪٽ?? فيصل سلطان، سيڪريٽري عامر خواجه، ڪنسلٽنٽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي تانيه ايدرس، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ڊ??ڪٽ?? رانا محمد صفد??، ڊائريڪٽر جنرل اين آءِ ٽي بي فيصل اقبال ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل هيلٿ سروس، ريگ??لي??نز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پاران ٽيلي هيلٿ جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ پاڪستان ۾ ٽيلي هيلٿ سروسز جي فروغ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون.