اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا جي چوٿين لهر دوران ماسڪ پائڻ سان گڏوگڏ حفاظتي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ڪيو وڃي. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ عوام جي سوالن جا سڌوسنئون جواب ڏ??ندي هن چي?? ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر آئي آهي، ڀارتي قسم جو اهو وائرس تيزي سان پکڙجي ٿو، عوام ماسڪ پائڻ سان گڏوگڏ حفاظتي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪري، پاڪستان ڪورونا جي خلاف صحيح ۽ وقت سر فيصلا ڪيا، پاڪستان انهن ٽن ملڪن ۾ شامل آهي جن بهتر حڪمت عملي ??ان ڪورونا تي ضابطو آندو، حڪومت جي وقت سر ۽ صحيح فيصلن جي نتيجي ۾ عوام ۽ معيشت کي تحفظ فراهم ??يو?? ملڪ ۾ هيستائين 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي.