اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پ??ڪس??ان کي هڪ وڏي ميڊ??ا وار درپيش آهي، سوشل ميڊيا تي پ??ڪس??ا?? جي خلاف پروپئگنڊه کي ڀارت ليڊ ڪري رهيو آهي، پي ٽي ايم رياست مخالف 150 ٽرينڊز هلايا، ملڪ دشمن عنصر پ??ڪس??ا?? جي خلاف پروپئگنڊه جي لاءِ سوشل ميڊيا جو وڌيڪ استعمال ڪن ٿا، (ن) ليگ جي ميڊيا ٽيم ۽ جي يو آءِ (ف) پڻ اسرائيل ٽرينڊز ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو، ان پروپئگنڊه ۾ افغانستان جا به ??جه?? ماڻهو ملوث آهن، پ??ڪس??ان ۾ فرقيواراڻي نفرت ۽ لساني وڳوڙ?? جي ڪوشش ۾ به ٻاهرئين ملڪ مان سوشل ميڊيا اڪائونٽس ملوث آهن، نور مقدم ڪيس کي بنياد بڻائي ڀارتي ٽي وي چينلز پ??ڪس??ا?? جي خلاف ڪيترن ئي ڪلاڪن جون وڊيوز اپ لوڊ ڪيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پ??ڪس??ان کي هڪ پلان تحت ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي ۽ پ??ڪس??ا?? جي خلاف جعلي خبرون پکيڙيون پيون وڃن، ان کي اسان پوري طرح بي نقاب ڪنداسين. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ڊيجيٽل ميڊ??ا ونگ هڪ تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي طريقي سان پ??ڪس??ا?? جي خلاف سوشل ميڊيا کي خاص طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو، ان ۾ وڏا ڪردار ڪير آهن. ان رپورٽ ۾ ٻن سال?? جي ڊيٽا شامل ڪئي وئي آهي. هن چيو ته 2019ع کان وٺي آگسٽ 2021ع تائين پ??ڪس??ا?? جي سوشل ميڊيا جو هڪ تفصيلي تجزيو ان رپورٽ ۾ موجود آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پ??ڪس??ا?? جي خلاف وڏي سوشل ميڊيا ٽرينڊز کي ڀارت ليڊ ڪيو، ان ۾ پ??ڪس??ا?? جي اندر سڀ کان وڏو ڪردار پي ٽي ايم ۽ ان سان تعلق رکندڙ ورڪرز آهن، جن هندستا?? جي ان حوالي سان مدد ڪئي. هن چيو ته انهن ٽرينڊز ۾ افغانستا?? جي موجوده حڪومت جا ماڻهو به شامل آهن. پي ٽي ايم پ??ڪس??ان رياست جي خلاف ٻن سالن ۾ 150 ٽرينڊز ليڊ ڪيا، انهن ۾ رڳو 37 لک ٽوئيٽس ڪ??ا ويا. اهو اٽڪل ٽوئيٽس جو هڪ هزار ڪلاڪ بڻجي ٿو جيڪي پي ٽي ايم جي 150 ٽرينڊز تي ڪ??ا ويا. هن چيو ته دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پي ٽي ايم بلوچ عليحدگي پسند تحريڪ کي پڻ سپورٽ ڪيو، 14 آگسٽ 2020ع تي پي ٽي ايم بلوچستان ساليڊيريٽي ڊي جو هڪ ٽرينڊ هلايو، ان ٽرينڊ تي ه??دستان مان هڪ ڏينهن ۾ ڏيڍ لک ٽوئيٽس ڪ??ا ويا، اهو ٽرينڊ شروع پي ٽي ايم ڪيو ۽ ا?? جي سپورٽ هندستان ڪئي. وڌيڪ ٽرينڊز به هلا??ا ويا، PTMExposeStateTerrorism# تي 23 هزار ٽوئيٽس ٿيا، DaSangaAzadiDa# تي 32 هزار ٽوئيٽس ٿيا، BalochistanSolidarityDay# تي هڪ لک 45 هزار ٽوئيٽس ٿيا، TyrantPakistanArmy# تي 34 هزار ٽوئيٽس ٿيا، ArmyBehindTargetkilling# تي 32 هزار ٽوئيٽس ٿيا، PakArmyKillsPashtun# تي 34 هزار ٽوئيٽس ٿيا. هن چيو ته پي ٽي ايم TRC4PashtunGenocide# جهڙا ٽرينڊز شروع ڪيا ۽ انهن کي سپورٽ هندستان کان ملي رهي آهي. هن چيو ته ٻن ڏينهن کان هڪ ٽرينڊ SanctionPakistan# هلايو پيو وڃي، ان ٽرينڊ تي پي ٽي ايم ٻيهر 20 هزار جي لڳ ڀڳ ٽوئيٽس ڪيا آهن. ان ۾ افغانستا?? جي نائب صدر امرالله صالح، نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر رحمت الله اندور ۽ ڊيفينس منسٽر جنرل بسم الله محمدي پڻ حصو وڌو. ان تي ڪل گڏائي 8 لک ٽوئيٽ ڪ??ا ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته هندستان مان ويڪيپيڊيا جو ايڊمنسٽريٽر پي ٽي ايم جي ماڻه?? جي لاءِ ڪمپين ڊيزائن به ڪري ٿو ۽ ا?? جي لاءِ ويڪيپيڊيا پيجز پڻ هلا??ا وڃن ٿا. هن چيو ته ان جو وڏو ثبوت اهو آهي ته اي يو ڊس انفوليب انڊين ڪرونيڪلز جي نالي سان پنهنجي رپورٽ جاري ڪئي هئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هندستان جون 845 ويب سائيٽس ٺاهيون ويون آه?? جيڪي رڳو پ??ڪس??ا?? جي خلاف ڊس انفارميشن پکيڙين ٿيون. انهن ويب سائيٽس جو هندستا?? جي سرڪاري نيوز ايجنسي اي اين آئي سان ويجهو تعلق هو. اهي اي يو ڊس انفوليب جي سامهون آيون. هن ٻڌايو ته پ??ڪس??ان ۾ ڪريمه بلوچ تي هڪ ٽرينڊ StateKilledKarimabaloch# هلايو ويو. ڪريمه بلوچ ڪينيڊين شهري هئي. ڊسمبر 2020ع ۾ اها فوت ٿي، ڪئناڊا جي پوليس جاچ ڪئي ۽ ٻڌايو ته ا?? جي فوتگي ٻڏڻ سان ٿي، ان ۾ ڪو ٻيو رخ شامل نه هو پر پي ٽي ايم ان ٽرينڊ تي هزارين ٽوئيٽس ڪيا. اهڙي طريقي سان عثمان ڪاڪڙ جي موت برين هيمرج سان ٿي، ا?? جي لاءِ 10 هزار کان وڌيڪ ٽوئيٽس ٿيا جن مان ٻه ڀاڱي ٽوئيٽس هندستان مان ڪ??ا ويا. هن چيو ته بلوچستان ۾ هڪ ٻار تي RapistArmyInBalochistan# جو ٽرينڊ هلايو ويو، ان ٽرينڊ تي ??جه?? عنصرن انڊيا مان ۽ ??جه?? آمريڪا مان ٽوئيٽس ڪيا. ان تي 10 هزار جي لڳ ڀڳ ٽوئيٽس ڪ??ا ويا، بدقسمتي سان ان ٽرينڊ ۾ جي يو آءِ (ف) ۽ پي ٽي ايم جي ميڊيا ٽيم حصو ورتو جيڪو بنيادي طور تي اسرائيلي ٽرينڊ هو، اسرائيل پ??ڪس??ا?? جي اندر اهو ٽرينڊ ڏئي ڪنفيوزن پيدا ڪرڻ چاهيندو هو. ان کانسواءِ اي اين پي RejectKillDumpPolicy# ٽرينڊ بلوچستان ۾ پنهنجي اسپوڪس پرسن اسد خان اچڪزئي جي لاءِ شروع ڪيو، ان ٽرينڊ کي به هندستان مان سپورٽ ملي. بعد ۾ خبر پئي ته اي اين پي جي اسپوڪس پرسن اسد خان اچڪزئي جو قتل ڪار کسجڻ جي واردات ۾ ٿيو هو. هن ٻڌايو ته ڪالعدم تنظيم تحريڪ لبيڪ جي ڪيترن ئي ٽوئيٽس کي ه??دستان مان سپورٽ ملي. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ جڏهن پنهنجي ڪمپين شروع ڪئي ته چار لک ٽوئيٽس 15 ڪلاڪ?? جي اندر مليا، ان ۾ تمام وڏو حصو هندستان جو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نور مقدم ڪيس ڪرمنل ڪيس آهي، ان ۾ ڪارروائي مڪمل ٿي چڪي آهي، جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن پر سوشل ميڊيا تي هڪ مهم هلائي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته پ??ڪس??ان عورت?? جي لاءِ محفوظ ملڪ نه آهي. هندستا?? جي هڪ چينل نور مقدم ڪيس تي سوين وڊيوز ٺاهيون. هن چيو ته پ??ڪس??ان کي هڪ تمام وڏي ميڊ??ا وار درپيش آهي جنهن ۾ پ??ڪس??ا?? جي خلاف جعلي ميڊيا کي جعلي خبر?? جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??جه?? اهڙا ٽرينڊز هلا??ا وڃن ٿا جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي حقيقت جي خبر ئي ناهي ه??ندي. هڪ ٻئي سوال تي ه?? چيو ته پيگاسس سپائي ويئر بابت ڪميٽي تي شروعاتي ڪم ٿي ويو آهي، حڪومت پاران ڪميٽي جي لاءِ آفيشلز نامزد ڪ??ا ويا آهن، نجي شعبي پاران نالن جو انتظار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير هڪ سوال تي چيو ته پي ٽي آءِ حقيقي وفاق جي نمائنده سياسي پارٽي آهي جنهن کي سڄي ملڪ ۾ پزيرائي حاصل آهي، وزيراعظم عمران خان پوري ملڪ ۾ مقبول ترين ليڊر آهي، اسان کي پي ٽي ايم جي سياست سان ڪو مسئلو نه آهي، پي ٽي ايم جي اندر هڪ اهڙو ڌڙو آهي جيڪو ڀارتي ايجنڊا ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. افغانستا?? جي حوالي سان هڪ سوال تي ه?? چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ اٽڪل 2 هزار ارب ڊالر خرچ ڪيا پر افغانستا?? جي فوج ان قابل نه آهي ته اها طالبان جو مقابلو ڪري سگهي. هن چيو ته افغانستا?? جي سڄي ليڊرشپ ارب پتي آهي پر افغانستان جا ماڻهو غريب ترين آهن، ان جو انهن کي حساب ڏيڻ گهرجي.