اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لا??ِ اهم آهي. افغانستان ۾ امن ۽ مستحڪم حڪومت لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، پاڪستان ۽ چين جي گڏيل سهڪار ۽ ترقي کي دهشتگردن هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن چيني سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪيو. پاڪستا?? ۾ ??ين جي سفير نونگ رونگ گهرو وزير جي رهائشگاهه تي ان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ چين ٻه طرفن لاڳاپن سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گهرو وزير چيني سفير ۽ ٻين تي سفارتي عملي کي مانجهاندو ڏنو. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي اسان جو خطو تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لا??ِ اهم آهي. هن چيو ته گهرو وزارت افغانستان مان نڪرندڙن کي ڀرپور معاونت ڏئي رهي آهي، چيني شهرين ۽ پاڪستا?? ۾ ??م ڪندڙ چيني ڪمپنين جي سي??يو??ٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. ان موقعي تي چيني سفير چيو ته پاڪستا?? ۾ ??يني ڪمپنيون مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن. چيني شهرين ۽ ڪمپنين لا??ِ سي??يو??ٽي پروٽوڪو?? وڌيڪ سخت ڪيو وڃي.