اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪامياب پاڪستان پروگر??م جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن اسلام آباد ۾ منعقد تقريب ۾ ان پروگر??م جو افتتاح ڪيو، ڪامياب پاڪستان پروگرام ملڪ مان غربت جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ان پروگرام تحت 14 سئو ارب جا قرض 37 لک گهراڻن کي ڏنا ويندا، ڪامياب پاڪستان پروگر??م جا پنج حصا آهن. ڪامياب آبادگ??رن جي ذريعي آبادگ??رن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا، ڪامياب ڪاروبار پروگرام تحت ڪاروبار لاءِ پنج لک تائين بنا وياج جا قرص ڏنا ويندا. سستا گهر اسڪيم تحت پنهنجو گهر بڻائڻ جي لاءِ آسان قسطن تي فنانسنگ جي سهولت هوندي، حڪومت جي ڪاميابي سان جاري فني مهارت ??سڪ??لرشپ اسڪيم ۽ صحت انصاف ڪارڊ کي ڪامياب پاڪستان پروگرام سان جوڙيو ويندو.