جهلم – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته موسمياتي تبديلي ڪنهن هڪ ملڪ جو نه پر پوري دنيا جو مسئلو آهي، وز??راعظم عمران خان خيبرپختونخواهه کان بلين ٽري سونامي پروگ??ام شروع ڪيو، ليڊر اه?? هوندو آهي جيڪو اليڪشن جو نه پ??هن??ي ايندڙ نسل جو سوچيندو آهي، وز??راعظم سدائين ماحول جي بهتري ۽ پ??هن??ي ايندڙ نسل جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي، ماضي ۾ ڪنهن ملڪ ۾ ماحول جي بهتري جو سوچيو ئي نه هو، اڄ 25 هزار ايڪڙ زمين تي 20 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا، جهلم ۾ ساڍا 10 هزار ايڪڙ زمين ٻيلن لاءِ مخصوص ڪئي آهي، وز??راعظم عمران خان جهلم کان للها ڊبل ڪيرج وي جو تازو ئي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، انشاءَ الله ايندڙ سال هتان جي عوام جي سهولت لاءِ ڊبل ڪيرج وي مڪمل ٿي ويندو، جلال پور ڪينال منصوبو تيزي سان جاري آهي، هڪ لک 78 هزار ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي، اڄ اسان جي آبادگارن کي پ??هن??ي فصلن جي پوري قيمت ملي رهي آهي، زرعي معيشت ۾ بهتري آئي آهي، اسان جون ص??عتون ترقي ڪري رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هجوالا فاريسٽ ضلعي جهلم ۾ وز??راعظم جي بلين ٽري سونامي پروگ??ام تحت ميگا پلانٽيشن ڊي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ بلغاريه جي سفير، ضلعي انتظاميا، ڊپٽي ڪمشنر جهلم، ميڊيا نمائندن، جهلم پريس ڪلب جي عهديدارن، جهلم جي عوام ۽ اسڪولن جي ٻارن شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به ماحول جي بهتري جو سوچيو ئي نه ويو هو، وز??راعظم عمران خان واحد ليڊر آهي جنهن خيبرپختونخواهه مان بلين ٽري سونامي پروگ??ام شروع ڪيو، وز??راعظم حلف کڻڻ کانپوءِ سڀ کان اڳ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ليڊر اه?? هوندو آهي جيڪو پ??هن??ي اليڪشن جو نه پر پ??هن??ي نسل جو سوچيندو آهي ۽ وز??راعظم سدائين ماحول جي بهتري ۽ پ??هن??ي ايندڙ نسل جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته هن وقت موسمياتي تبديلي پوري دنيا جو مسئلو آهي، ڪا هڪ قوم يا هڪ ملڪ ان کان متاٿر نه آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان پ??هن??ي نسل کي هڪ بهتر ماحول ڏئي وڃون. هن چيو ته اڄ ڪينسر ۽ ساهه جي بيمارين ۾ اضافي جو وڏو سبب اه?? آهي ته ماضي ۾ ماحول جي بهتري لاءِ ڪنهن ڪم نه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته جهلم ۾ اسان ساڍا 10 هزار ايڪڙ زمين ٻيلن جي لاءِ مخصوص ڪئي آهي، 2018ع ۾ اسان هتي جيڪي ٻوٽا هنيا هئا اڄ اه?? وڌي وڏا وڻ بڻجي چڪا آهن، وڻ ۽ ٻوٽا لڳائڻ سان اڄ هتي زمين ۾ پاڻي جو ٺهراءُ پيدا ٿي ويو آهي، اڄ 25 هزار ايڪڙ زمين تي 20 هزار وڻ لڳايا ويندا. هن چيو ته اسڪولن جا 6 هزار کان وڌيڪ ٻار هتي اڄ پ??هن??و قومي فرض ادا ڪرڻ جي لاءِ موجود آهن جن کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي.