اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سياحت ۽ زراعت جي شعبي مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گذريل سا?? پوري ملڪ مان سياحن جو رڪارڊ ت??دا?? اترين علائقن ۽ خيبرپختونخوا جو رخ ڪيو، سياحت جي شعبي جي ترقي سا?? روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم عمران خان سا?? خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر شهزاد بنگش ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخوا جي سياسي صورتحال ۽ سروس ڊليوري جي بهتري لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن خاص طو?? تي سياحت جي فروغ لاءِ انفرااسٽرڪچر جي بهتري تي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏ??ي وئي. زيتون، زعفران، ٻير جي ماکي ۽ معدنيات جي حوالي سا?? صوبي جي قدرتي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي قدمن ۽ انهن شعبن جي برآمدات وڌائڻ لاءِ کنيل قدمن تي به تفصيلي بريفنگ ڏ??ي وئي. وزيراعظم منصوبن جي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.