اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) او آءِ سي جي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي سان سندس سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان سميت خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏي??ي وزير چيو ته اسان سعودي عرب سان ٻطرفن اقتصادي ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ انهن کي سياسي لاڳاپن سان هم آهنگ بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. پرڏي??ي وزير مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي معاونت تي سعودي پرڏي??ي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي. هن چيو ته هڪ ٻئي پٺيان ٻن پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاسن جي ميزباني مسلمان امت جي لاءِ پاڪستان جي سنجيده سوچ جي ترجماني ڪري ٿي. پاڪستان او آءِ سي کي مسلمان امت جو مستحڪم آواز سمجهي ٿو، اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ پراڻن تڪرارن جي حل لاءِ او آءِ سي جي موثر ڪردار جو گهرجائو آهي. 40 سالن تائين جنگ ۽ جدل کانپوءِ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ سڄي دنيا جي لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي جا ٿورائتا آهيون. 57 مسلمان ملڪن جو آواز رکندڙ او آءِ سي، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ موثر ڪردار ڪري سگهي ٿي. سعودي پرڏي??ي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود او آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي شاندار انتظامن کي ساراهيندي پرخلوص ميزباني تي پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.