اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قي??ر دنيا جي مختلف ملڪن مان پاڪستان جي دوري تي آيل هندو ياترين جي وفد جي آجيان ڪندي چيو ??هي ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، اسان چاهيون ٿا ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين کي انساني حقن ۽ مذهبي آزادي حاصل هجي، اميد ??هي ته هندو ڪميونٽي ان جي لاءِ آواز اٿاريندي. پارليامينٽ ها??وس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر رميش ڪمار وانڪواڻي جي سربراهي ۾ ملاقات ڪندڙ هندو ياترين جي وفد سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قي??ر چيو ته پاڪستان امن ۽ ڀائيچاري تي يقين رکي ٿو، پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، اقليتن جي حقن جو تحفظ اسان جي مذهبي ۽ آئيني ذميداري آهي، پاڪستان جي پ??رليامينٽ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ساڻس گڏ بيٺل آهي، اقليتي برادري سان ڪنهن به ناخوشگوار واقعي جي عوامي ۽ پارلياماني ۽ حڪومتي سطح تي سخت مذمت ڪئي ويندي ??هي ۽ ان کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کنيا ويندا آهن. پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني شهرين کي پنهنجي عقيدي ۽ مذهبي رسمن موجب زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي. پاڪستان ڀارت سميت سڀني پ??ڙيسري ملڪن سان خوشگوار دوستاڻا لاڳاپا چاهي ٿو، هن چيو ته والاريل ڪشمي?? جي عوام کي اظها?? جي آزادي جي راءِ ۽ مذهبي رسمون ملهائڻ تي پ??بندي عائد آهي، والاريل ڪشمير ۾ حقن جون پائماليون عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، والاريل ڪشمي?? جي عوام کي گڏيل قومن جي چارٽر موجب بنيادي انساني حق ڏنا وڃن. خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمي?? جي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ ضروري آهي، پاڪستان جي موجوده حڪومت مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، مذهبي سياحت جي فروغ سان گڏيل رابطن ۾ اضافو ٿيندو. موجوده حڪومت شهرين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، سڄي ملڪ ۾ شهرين کي بنا رنگ ۽ نسل ۽ مذهب کان سواءِ صحت ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن، اسپيڪر چيو ته مختلف ملڪن مان آيل هندو ياترين جي وفد کي پ??ڪستان کي خوش آمديد چوان ٿو. قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار پارليامينٽ ها??وس ۾ وفد جي گرمجوشي سان آجيان تي اسپيڪر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو بطور ڪسٽوڊين آف دي ها??وس جو ڪردار تحسين جوڳو آهي. حڪومت پاران مذهبي سياحت کي فروغ لاءِ کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن. مذهبي سياحت جي فروغ سان بين المذاهب هم آهنگي ۾ اضافو ٿيندو.