اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن انساني المئي کان بچڻ لاءِ ??فغ??ن عوام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ??فغ??نستان جي حوالي سان ايپڪس ڪم??ٽي جي ٽئين اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ??فغ??نستان ۾ امداد لاءِ گڏيل قومن جي اپيل جي آجيان ڪئي، ايپڪس ڪم??ٽي ??فغ??نستان ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪم??ٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان مشڪل جي ان گهڙي ۾ ??فغ??ن عوام کي اڪيو نه ڇڏيندو. ايپڪس ڪم??ٽي اقتصادي طور تي تباهه ٿيل ??فغ??نستان ۾ انساني جانين کي بچائڻ ۽ مشڪل جي ان گهڙي ۾ ??فغ??نين جي مدد لاءِ عالمي برادري ۽ امدادي ادارن کان هڪ دفعو ٻيهر مدد جي اپيل ڪئي،
وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ??فغ??نستان ۾ انساني الميي کان بچاءُ لاءِ دوست ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن جون راهون ڳوليو ته جيئن ??فغ??نستان ۾ طب، آءِ ٽي، فنانس ۽ اڪائونٽنگ جي شعبن ۾ تربيت يافته افرادي قوت موڪلي سگهجي. هن ??فغ??نستان جي بحالي ۽ ترقي ۾ مدد لاءِ ريلويز، معدنيات، دائون ٺاهڻ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جي به هدايت ڪئي، ان کان اڳ ايپڪس ڪم??ٽي کي ??فغ??نستان لاءِ 5 ارب روپين جي امداد تي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو جنهن ۾ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ سميت غذائي جنسن، هنگامي طبي سامان، سردي کان بچاءُ لاءِ پناهگاهون ۽ ٻيو سامان شامل آهي، ايپڪس ڪم??ٽي کي ٻڌايو ويو ته ??فغ??نستان شديد سردي جي موسم دوران بک ۽ انساني الميي جي صورتحال ??يد?? ٿيڻ جي ويجهو پهچي چُڪو آهي، ان صورتحال ۾ عوام لاءِ خوراڪ ۽ پناهگاهن کي حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي.
ڪم??ٽي ??فغ??ن عوام سان گڏ بيهڻ جي ع??م جو اظهار ڪندي امدادي ادارن تي زور ڏنو ته هو ??فغ??ن عوام جي مدد لاءِ فوري حرڪت ۾ اچي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ اعليٰ سول ۽ ملٽري عملدار موجود هئا.