اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلوچستان جي فنانس ڊپارٽمينٽ بابت سينيئر وزير نور محمد دمر جي ميمبر طور قومي اقتصادي ڪائونسل مق??ري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ??يان موجب صدر اها منظوري ??ئين جي آرٽيڪل 156 تحت ڏني آهي. صدر ا??سٽ??ٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي بورڊ آف گورنرز جي مق??ري جي پڻ منظوري ڏني آهي. اڳوڻي سفير جليل عباس جيلاني، ڊاڪٽر رفعت حسين ۽ ڊاڪٽر سلميٰ ملڪ کي بورڊ آف گورنرز جي ميمبر طور مق??ر ڪيو ويو آهي. بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن جي مق??ري اعزازي بنيادن تي ڪئي وئي آهي.