اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ معاشي ٽيم جي ملڪي معيشت کي پ??ئيدار بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت رنگ آڻي رهي آهي، گذريل 3 سا??ن ۾ جي ڊي پي ۾ 5.37 سيڪڙو واڌ حاصل ڪرڻ ڪامياب حڪمت عملي جو ثبو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ معاشي ٽيم جي ملڪي معيشت کي پ??ئيدار بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت رنگ آڻي رهي آهي، ماضي ۾ حڪومتن جي ڪرپشن، مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس سا?? ملڪ ڊيفالٽ جي چائنٺ تي هو، هن چيو ته جڏهن اسان کي حڪومت ملي ته پرڏيهي ناڻي جا ذخير اڌ هئا، ماضي جي حڪمت واڌ جي شرح کي وڌائڻ لاءِ 7 ارب ڊالرز جا قرض ورتا، مملڪتي وزير چيو ته اسان جي حڪومت مصنوعي طور تي واڌ جي شرح ۾ اضافو ناهي ڪيو، ڪووڊ – 19 جي وبا جهڙي عالمي چئلينج سا?? ت??قي يافته ملڪن جي معيشت بري طرح متاثر ٿي، گذريل ٽن سا??ن ۾ جي ڊي پي ۾ 5.37 سيڪڙو واڌ حاصل ڪرڻ ڪامياب حڪمت عملي جو ثبوت آهي، هن چيو ته اسان جي قدمن جي ڪري گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آئي آهي، گذريل حڪومت ۾ گردشي قرض 400 ارب کان وڌيڪ هئا، فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي اقتصادي سڌارن جو عالمي سطح تي اعتراف اسان جي ڪامياب حڪمت عملي تي ٺپو هڻڻ آهي. گذريل سا?? زراعت 3.48 سيڪڙو، صنعتون 7.79 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شع??ي 5.70 سيڪڙو جي واڌ ڏيکاري، ري بيسنگ ۽ معيشت ۾ تبديلي جي ڪري جي ڊي پي مارڪيٽ پرائس سا?? 2021ع ۾ 55.5 ٽريلين روپيا ٿي وئي، هن چيو ته مجموعي قومي آمدني 59.3 ٽريلين روپيا، في ڪس آمدني 1666 ڊالر ٿي وئي، پاڪستان جي معيشت جو ماپو 346.76 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، ڪووڊ – 19 جي عالمگير وبا کانپوءِ سا?? 21-2020ع بحالي جو سا?? هو.