اسلام آباد ?? 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نار تعاون تنظيم (جي سي سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر نائف فلاح ايم الحجراف سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تنظيم جو پاڪستا?? سان تعاون جي صورتحال جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان موجب ملاقات ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان به موجود هيون. پرڏيهي وزير ۽ نار تعاون ڪائونس?? جي سيڪريٽري جنر?? جي سي سي ۽ ان جي ميمبر ملڪ?? سان پاڪستان جي تعاون جي صورتحال جو جائزو ورتو. بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دوران پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ تاريخي رابطن، جاگرافيائي ويجهڙائي ۽ ثق??فت?? وابستگين جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان نار تعاون ڪائونس?? جي ميمبر ملڪ?? سان ٻطرفي ۽ جي سي سي جي تناظر ۾ پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير ۽ سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي گڏيل ايڪشن پلان موجب اداره جاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ڌرين پاڪستان – نار تعاون ڪائونسل فري ٽريڊ ايگريمنٽ تي جلد کان جلد ڳالهين کي مڪمل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ نار تعاون ڪائونس?? جي وچ ۾ پراڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. نار تعاون ڪائونس?? جي ميمبر ملڪ?? سان پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي بنياد تي مضبوطي سان ڳنڍيل آهن.