اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندي، شهباز ش??يف چوي ٿو مون هڪ رپئي جي ڪرپشن ناهي ڪئي، هڪ نه پر اربين رپين جي ڪرپشن پڪڙي وئي آهي، 17 هزار ٽرانزيڪشنز پڪڙيون ويون آهن، مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽس مان 4 ارب رپيا نڪتا آهن، مقصود چپڙاسي جهڙا 14 ملازم وڌيڪ آهن جن جي اڪائونٽس ۾ ڪروڙين رپيا آهن، هر شهري کي رمضان شگر ملز ج?? ملازم بڻائي ڇڏڻ گهرجي ته جيئن اه?? ارب پتي ٿي وڃن، بلاول بينظير بدران آصف زرداري جو مشن اڳتي وڌائي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات وار?? مملڪتي وزير فرخ حبيب اسلام آباد ۾ هڪ نيوز ڪانفرنس ?? ڪيو. فرخ حبيب چيو ته شهباز ش??يف مختلف بهانن سان 9 ڀيرا التوا وٺي چڪو آهي، شهباز ش??يف ۽ آصف زرداري جي ڪيسن ۾ دير انصاف جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي، انهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي روزاني جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، انصاف ۾ دير انصاف جو قتل آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته 7 ارب جو ٽي ٽي جو ڪيس نيب ۾ هلي رهيو آهي، جڏهن ڪنهن طاقتور کي سزا ملندي ته انصاف جو نظام وڌيڪ مضبوط ٿيندو. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته فرد جرم لاڳو ٿيڻي هجي ته نيون درخواستون داخل ٿي وڃن ٿيون، وڪيل تبديل ڪن ٿا، اه?? سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر آهن، چوري ناهي ڪئي ته ثبوت عدالتن ۾ پيش ڪن، شهباز ش??يف بطور وڏي وزير حمزه ۽ سلمان شهباز کي کليل ڇوٽ ڏئي رکي هئي. مملڪتي وزير چيو ته اسان کان ساڍا 3 سالن جو حساب وٺندڙ سنڌ جو 15 سالن جو حساب ڏين. سنڌ ۾ ڦرلٽ جو بازار گرم، چوها اربين رپين جي ڪڻڪ کائي ويا. اطلاعات ۽ نشريات وار?? مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندي، سنڌ حقوق مارچ کي وڏي پذيرائي ملي رهي آهي.