ميانوالي – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماڊل پوليس اسٽيشن پوري پنجاب لاءِ مثال هوندي، اسان کي پنجاب ۾ ٿاڻي ڪلچر کي تبديل ڪرڻو آهي ان لاءِ آءِ جي پنجاب کي وفاقي ??ڪو??ت طرفان هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، انگريز دور جو نظام تبديل ڪرڻو آهي، ماضي ۾ ٿاڻي ڪچهري کي پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪيو ويندو رهيو، اسان پنجاب پوليس کي خيبرپختونخوا وانگر بڻائينداسين ته جيئن ماڻهو ان تي اعتماد ڪري سگهن، ميانوالي ۾ ماڊل پوليس اسٽي??ن جي افتتاح جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته ان ماڊل پوليس اسٽي??ن جي قيام تي هو ??وليس کاتي کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.