اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪابينا ڪميٽي توانائي ??اري وزارت جي ڊيزل ۽ پيٽرول جي درآمدات کي يورو V معيار موجب ڪرڻ جي سفارشن جي ??نظوري ڏني وئي، انهن مصنوعات ۾ سلفر جي گهٽ مقدار جي ڪري فضائي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ياد ره?? ته پاڪستان ۾ ڪيترائي ??يداني علائقا سردين ۾ ڌنڌ (سموگ) جو شڪار ره??دا آهن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيٽروليم ڊويزن ملڪ ۾ موجود تيل صاف ڪندڙ ڪارخانن سان يورو V کي ملڪ ۾ لاڳ?? ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندي، ڪابينا ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پهرين آگسٽ 2020ع کان پوءِ آئل ڪمپنين کي صرف يورو V پيٽرول درآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي، ڪابينا ڪميٽي جي ??يصلي موجب جنوري 2021ع کان صرف يورو V ڊيزل درآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارا تفصيلي پلان تيار ڪندا.